ڪشمور ضلعي م بدامني جي باھ ٻري رهي هتان جي لوڪل پوليس کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري اتان جي پوليس مقرر ڪيو وڃي

ضلعي ڪشمور ۾ وڌنڌڙ بدامني تي سخت ڳڻتي آھي۔ ضلعي جي صورتحال کي ڪنٽول ۾ آڻڻ لا۽ پوري ضلعي جي پوليس کي ضلع بدر ڪري ٻئي ضلعي مان پوليس گھرائي کين فل فور اٿارٽي ڏني وڃي ته پنجاھ سيڪڙو بدامني ختم ٿي ويندي۔ اھڙو اظھار اڳوڻي ايم اين اي ء اڳوڻي ضلع ناظم سردار سليم جان مزاري غوثپور شهر ۾ پير سيد بشير احمد شاه جيلاني پاران ڏنل مانجھاندي جي موقعي تي آيل معززين سان خطاب ڪندي ڪيو۔ سردار سليم جان مزاري چيو ته فوج يا پوليس جو ميجر يا اڳواڻ ڀلي ڪيڏو به باختيار ۽ دلير ڇونه ھجي جيستائين سندس فوج يا پوليس وڙھندي نه ته ھن جي تعليم ۽ بھادري ڪھڙي ڪم جي۔ انھي طرح اسان جي لوڪل پوليس به نه ٿي وڙھي سگهي ان ڪري مان مطالبو ٿو ڪريان ته ڪشمور پوليس جو عملو ٻي ضلعي ڏانھن موڪلي ھتي اتان جو عملو موڪليو وڃي جيڪو ڏوھارين سان بي خوف ٿي وڙھي۔ ھتي ڪو ڏوھاري پوليس ھٿان مارجي وڃي ٿو ته نه صرف ان جي خاندان کي ڌمڪيون ملن ٿيون پر جرگائي ڀوتار ان جو ڏنڊ چٽي وجھي پوليس کي اڃان ڪمزور ڪن ٿا۔ ھن کان اڳ علائقي جي ايم اين اي ڪشمور سردار علي جان مزاري چيو ته مان بدامني جي خلاف اسيمبلي ۾ به آواز اٿاريو آھي ۽ انشاءالله حالتون بھتر ٿينديون ۽ عوام سک جو ساھ کڻندو۔ پروگرام جي ميزبان سيد بشير احمد شاه ۽ مکي سريش لال آيل مھمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي ۽ کين ماکي جون بوتلون گفٽ ڪيون