تفصيل موجب ڪشمور ضلعي ۾ ارڙي جي وبا بيماري وڌيڪ هڪ معصوم ٻار جي زندگي کسي ورتي ارڙي جي وبا بيماري کر کنيو وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو قومي عوامي تحريڪ جي الطاف حسين شيخ جي چار سالن جو معصوم پٽ محسن علي شيخ ارڙي وگهي بيماري ۾ فوت ٿي ويو ڪيترائي ٻار موذي مرض مبتلا آهن جڏهن ته اهڙو اطلاع تعلقي اسپتال ڪنڌڪوٽ کي ڏنو ويو پر تعلقي اسپتال ڪنڌڪوٽ توڙي ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتو اگھور ننڊ ستل آهن ان موقعي تي وارثن جو جو چوڻ آهي ته ارڙي جي وبا بيماري سبب ڪيترائي معصوم ٻارڙا ورتل آهن اسان تعلقي ڪنڌڪوٽ جي انتظاميا کي اطلاع به ڪيو آهي پر اهي نه آيا آهن ڪروڙين رپين جي بجيٽ سول اسپتال ڪنڌڪوٽ ۾ هوندي وئڪسينيٽر صرف گهر ويٺي پگهار ٿا کڻن هنن صحت کاتو توڙي ضلعي انتظاميا فوري نوٽيس وٺي ارڙي جا ٽيڪا لڳيا وڃن ۽ معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچايون وڃن