ڪشمور ضلعي ۾ شهيد ٿي ويل پوليس ڪانسٽيبل محمد اسماعيل ڏاهاڻي ۽ شهيد استاد الله رکيو نندواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪرمپور جمال تنگواڻي اٺين ڏينهن به آپريشن جاري ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا

تفصيل موجب ڪنڌ ڪوٽ شھيد استاد الله رکيو نندواڻي ۽ شھيد اھلڪار اسماعيل ڏاھاڻي جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگھيا قاتلن جي گرفتاري لاء پوليس جو اڄ اٺين ڏينهن تي به جمال ـ شبير آباد ـ تنگواڻي ۽ ڪرمپور ٿاڻن جي حد ۾ ڪوڪاري نندواڻي گينگ جي خلاف ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي جي سربراھي ۾ پوليس ۽ رينجرس جو گڏيل آپريشن جاري آهي پوليس ترجمان موجب ته ڏوھارين جا ڇھ کان وڌيڪ ٺڪاڻا جن کي ڪرين مشين ذريعي ڊاھي پٽ ڪري باھ ڏئي ڇڏي آهي جيستائين ڏوھاري قاتل گرفتار نه ٿيندا پوليس جو آپريشن جاري رھندو ايس ايس پي بشير احمد بروھي چيو آهي ته شھيدن جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين قاتلن ـ ساٿارين ۽ سھولتڪارن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو