ڪشمور نجي اسڪول جي ٽيچر پوليس اي ايس آئي شاھ مراد سومرو جي ڌي ماسترياڻي حنا خاتون سومرو صبح سان اسڪول وڃي رهي هئي ته روڊ ڪراسنگ ڪندي تيز رفتار ٽرڪ هيٺان اچي سخت زخمي ٿي پئي جنھن کي وارث ڪشمور سول اسپتال کڻائي آيا جٿي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيور واقعي واري هنڌ کان فرار ٿي ويو ڪشمور پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي ھوڏانھن فوت ٿي ويل جي لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر اندر قھرام مچي ويو