ڪشمور لڳ ايس ايڇ او گيهلپور جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ايس ايڇ او زخمي ٿي پيو اسپتال منتقل ڳڻتي جوڳي حالت م لاڙڪاڻو منتقل

تفصيل موجب ڪشمور لڳ ڪجھ ڏينھن اڳ يوسي چيئرمين پاران سامان ورهائڻ دوران حملو ڪيو ويو جنهن جي گرفتاري لاءِ ايس ايڇ او گيهلپور سانول ميرالي پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي وئي ته ڳوٺاڻن جو پولیس تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي م ايس ايڇ او گيھلپور سانول ميرالي مٿان حملو لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيو جنهن کي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو ايس ايڇ او گيھلپور سانول ميرالي جو چوڻ ھو ته ڪجهه ڏينهن اڳ يوسي چيئرمين پاران امدادي سامان ورھائڻ دوران جوابدارن حملو ڪري ڏنو ھو جن جي مٿان ايف يار پڻ داخل ٿيل ھئي جنھن ۾ گھربل جوادارن لانڍي خان مزاري عطاء محمد مزاري الله داد مزاري قاسم خان مزاري جيڪي ڪجهه ٽائيم پھريان گھر ڇڏي فرار ٿي ويا ھئا جيئن اسان کي خبر پئي ته اھي واپس موٽا آهن مان ۽ منهنجي ٽيم انهن جي گرفتاري لاء جيئن انھن جي اوطاق تي پھتاسين ته انهن اسان جي مٿان حملو ڪري ڏنو ڌنڌا لڳڻ سبب مان بيھوش ٿي پيوس ۽ مون کي سول اسپتال ڪشمور آندو ويو جڏهن ته اي ايس پي ڪشمور راڻا دلاور به سول اسپتال پھتو انهن جو چوڻ ھو ته جوابدارن قانون کي پنهنجي ھٿ کينو آهي اسان انهن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪنداسين ۽ انهن قانون جي ڪٽھري ۾ آڻي انهن کي سخت کان سخت سزا ڏينداسين