ڪشمور لڳ سنڌ پنجاب جي دنگ چاچڙ پل لڳ ڏوهارين جو هڪ گهر مٿان چڙھائي ڏوهارين 8 سالن جي معصوم کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا

سنڌ پنجاب جي حد چاچڙ پل ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالواحد کوسو تي ڏوهارين چاچڙ برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪري 8 سالن جي نينگر امداد علي پُٽ حنيف احمد چاچڙ کي اغوا مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني 8 سالن جي نينگر امداد علي پٽ حنيف احمد چاچڙ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا جڏهن ته اهڙو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو ويو پر پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ڇڏيو هوڏانهن چاچڙ برادري جا سوين ماڻهو هٿيارن سان ڪچي طرف ويا آهن گهر ڀاتين ٻڌايو ته 12 کان وڌيڪ ھٿياربندن اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري اسان جي نينگر کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن مزاحمت ڪرڻ اسان جي گھر جا 3 ڀاتي سخت زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ حنيف چاچڙ حليم چاچڙ سميت هڪ عورت زخمي ٿي پيو آهي اطلاع ڏيڻ جي باوجود حد جي پوليس هن وقت تائين واقعي واري هنڌ پهچي ناھي سگهيو انهن قرآن شريف ھٿ ۾ کڻي ڏوهارين سميت اعلي ايوانن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي