ڪشمور لڳ سوئي روڊ رتي سان ڀريل ڊمپر مٿان هٿياربندن جي فائرنگ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو ڊمپر جو ڊرائيور ممتاز عرف خان شيخ قتل ٿي ويو اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو وارثن مقتول جو لاش سنڌ پنجاب ء بلوچستان جي بارڊر انڊس هاءِ وي بند ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا پولیس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ڌرڻي سبب ٻن طرفن کان گاڏيون بيهجي ويون وفاقي حڪومت واقعي جو نوٽيس وٺي هٿياربندن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي