تفصيل موجب ڪشمور لڳ مراد واھ محلا جي رهواسي استاد محمد يوسف کوسو جي گهر ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳي وئي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ گهر ۾ رکيل ڪڻڪ ڪپڙا برتن ۽ روڪ پيل رقم سڙي رک ٿي وئي متاثر ٿيل شھري محمد يوسف کوسو ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور مختيار ڪار ڪشمور ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي مالي مدد ڪري مونکي راشن ۽ گهر لاءِ سامان مهيا ڪيو وڃي جئين منهنجي گهر جو گذر سفر ٿي سگهي