مليل ڄاڻ موجب ته ڪشمور لڳ ڪشمور ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي م ڪاٺيون وڍڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته اطلاع تي ڪشمور پوليس پاران ٽيڪنالوجي ذريعي ناڪابندي ڪري اوڪاڙا واسي پنج عورتون مسمات گلان زال محمد شريف مسمات خورشيدان زال بنون مسمات گڏي زال محمد عاشق مسمات پروين زال شيدا مسمات انواري زال محمد ارشد چار مرد محمد ارشد پٽ بنون محمد عاشق پٽ محمد رمضان محمد شريف پٽ بانان شيدان پٽ گجر جڏهن ته ٽي معصوم ٻار آمنا بيبي عمر ٽي سال عامر علي عمر ٻه سال عثمان علي عمر ست سال کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي جنهن کي باحفاظت وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي ڪشمور پوليس موجب ته اوڪاڙا واسي مزدوري جي لالچ م اچي ڪشمور ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي م وڃي رهيا هئا ته اسان کي اطلاع مليو ته پنج عورتن چار مرد ء معصوم ٻارڙا وڃي پيا اسان جديد ٽيڪنالوجي ذريعي ناڪابندي ڪري ڇڏي ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا هئا