ڪشمور لڳ گيھلپور ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن جي معاملي تان ڪوش برادري ۽ تڙت برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ فائرنگ سبب ڪوش برادري جو نوجوان عبدالغفور ڪوش قتل

واقعي جو ڪارڻ ڪارنھن الزام هيٺ پيش آيو آهي ياد رهي ته ڪوش برادري جو نوجوان عبدالغفور ڪوش گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل جڏهن ته اهڙو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال ڪشمور آندو تڙت برادري جي عورت پڻ زخمي ٿي پئي جنھن کي علاج لاء وارث ڪشمور سول اسپتال کڻائي آيا هئا جتي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي ويو ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا هن وقت تائين ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن فائرنگ جو سلسلو جاري آهي