ڪشمور مان اغوا ٿيل پيءُ پٽ، راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ٿي گهر پهچي ويا

ڪشمور واسي مغوي سراج احمد ۽ سندس معصوم پٽ شهريار گولاٽو راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن پوليس پاران مغوين کي مبينا پوليس مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته بخشاپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران مغوي پيءُ ۽ پٽ کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي موجب گذريل ڏينهن بڊاڻي ٿاڻي جي حد مان ڌاڙيلن هٿيارن جي زور تي ڪشمور واسي سراج احمد ۽ سندس ستن ورهين جي معصوم پٽ شهريار گولاٽو کي اغوا ڪري ورتو هو جڏهن ته پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ٿيڻ سبب هٿياربندن مغوي سراج احمد ۽ سندس معصوم پٽ شهريار گولاٽو کي ڇڏي فرار ٿي ويا هئا هوڏانهن اهم ذريعن موجب مغوين کي پوليس مقابلي دوران نه بلڪه راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرايو ويو آهي ٻئي طرف مغوين جي بازيابي بعد سندن گهر وارن سميت سموري شهر ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.