ڪشمور : مان اغوا ٿي ويل مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت ڪشمور طرفان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو

ڪشمور : مان اغوا ٿي ويل مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت ڪشمور طرفان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو ھندو پنچائت جي مکي نريش ڪمار جي اڳواڻي ۾ ھندو برادري ريلي ۾ شرڪت ڪري مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ھندو پنچائت اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ليمون لاشاري جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري ساگر ڪمار ٽيويهه ڏينهن گذري وڃڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو آهي ايس ايڇ او ڪشمور ڊي ايس پي ڪشمور صادق اوڍو ۽ ٻين پوليس آفيسرن ٽي ڏينهن اڳ مھلت ورتي ھئي ته مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو پر مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن ڪشمور مان ھندو نوجوان ساگر ڪمار گڊو مان منير نائچ ،بخشاپور بڊاڻي مان مکي جگديش، ۽ نينگر جئديپ کي ڪشمور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي ھنن چيو ته ٽيويهه ڏينهن اڳ ڪشمور ٿاڻي ڀرسان مغوي نوجوان ساگر ڪمار کي ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن سرعام شهرين آڏو موبائيل مارڪيٽ ۾ قائم ھوٽل تان ماني کائيندي اغوا ڪيو بروقت اطلاع ملڻ جي باوجود ايس ايڇ او ڪشمور سميت پوليس اهلڪار مغوي نوجوان کي ڇڏائڻ ۽ ڏوهارين سان مزاحمت ڪرڻ لاءِ پويان به نه ويا، ھندو پنچائت اڳواڻن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شیخ کان مطالبو ڪيو ته ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ليمون لاشاري کي ڪشمور ٿاڻي تان ھٽائي اھل پوليس آفيسر مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،