تفصيل موجب، ڪشمور لڳ سنڌ پنجاب دنگ انڊس هاءِ وي تي کتران پمپ وٽ تيز رفتار ٽرڪ ۽ پوليس وين ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ پوليس وين ۾ سوار ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ٻه اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع ملندي ئي راجن پور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيدن ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ راجن پور اسپتال منتقل ڪيو. شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ عطاءُالله ۽ پنجاب پوليس جو ڪانسٽيبل نوجوان ڪاشف شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ سب انسپيڪٽر زيشان ۽ غلام محمد شامل آهن. شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جا مڙه گهر پهچڻ تي سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو. راجن پور پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، پر ٽرڪ جو ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. حادثي جو ڪيس اڃا داخل نه ٿي سگهيو آهي.