ڪشمور : پوليس جو دراني مھر ڪچي ۾ اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي

ڪشمور : پوليس جو دراني مھر ڪچي ۾ اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي ايس ايس پي ڪشمير امجد احمد شيخ جي هدايتن تي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪشمور پوليس جي سي آءِ اي اسپيشل ٽيمن، ايس ايڇ او بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ عبدالقادر بنگوار ۽ سندس ٽيم دراني مھر ڪچي واري علائقي ۾ ڀيو ۽ سبزوئي گينگ خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي3 22-08-2023 تي آپريشن دوران بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ جي حد مان اغوا ٿيل الله رکيو قمبراڻي ۽ فاروق احمد قمبراڻي بازياب ٿي ويا ٻنهي مغوين جي اغوا جو ڪيس قلم 365A، 6/7ATA پوليس اسٽيشن بي سيڪشن 122/2023 تحت داخل ڪيو ويو مغوي جي بازيابي جي خوشي م مغوي جي گهر ۾ جشن جھيڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي