تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ پٺاڻ پوليس پڪيٽ وٽ ڏوهاري ڦر جي واردات لاءِ بيٺل هئا ته پوليس بروقت پهتي ته ڏوهارين پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ دوران ٻه ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا گرفتار ڏوهارين جي سڃاڻپ مهراڻ ولد مهراب مهر رائيب عرف صاحب ولد گلشير بنگلاڻي طور ٿي آهي جنهن جي وٽان هڪ عدد ٽي ٽي پسٽل ۽ هڪ عدد بندوق گوليون هٿ ڪيون ويون آهن گرفتار ٿيل ڦر اغوا ۽ ٻين گهربل هئا جنهن جو وڌيڪ رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي