ڪشمور جي ڪچي واري علائقي حاجي خان شر ٿاڻي جي حد ۾ ڪڻڪ جي ڪٽائي جي معاملي تان شر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 30 ورهين جي عورت موقعي تي ئي قتل ٿي وئي جڏهن ته فائرنگ سبب سمورو علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو هوڏانهن حد جي پوليس مقتولا عورت جو لاش کڻائي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو، جڏهن ته مقتولا جو لاش ضروري ڪارروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو. ٻئي پاسي فائرنگ سبب سمورو علائقو ميدان جنگ بڻيل رهيو ۽ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچا بند بڻجي ويا.