ڪشمور ڪنڌڪوٽ اينگرو يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڪرپٽ ڊي سي خلاف 18 ڊسمبر تي سخت احتجاج ڪيو ويندو ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شرڪت جي عرض ڪجي ٿو ڪنڌڪوٽ جي عوام کي اپيل آھي ته 18 ڊسمبر تي پنهنجا سڀ ڪاروبار ڇڏي ڪرپشن جي بي تاج بادشاھ خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ شامل ٿي ٻڌي جو ثبوت ڏيو ڊي سي اي سي سميت ضلعي انتظاميا پاران منافعي خور واپارين سان ملي ڀڳت ڪري يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو واضح رهي ته ڀاڻ جي ڪابه کوٽ ناهي هٿرادو کوٽ ڄاڻائي مهانگو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران ڊي سي پاران ڀاڻ جي ڊيلرن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجو ڪميشن مقرر ڪري ڇڏيو آهي ھٿرادو 3600 سؤ وارو يوريا ڀاڻ 5500 سؤ ۾ مسڪين غريب ھارين کي ڏيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ پاران ڪرپٽ ڪرپشن جي بي تاج بادشاه ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ خلاف ايندڙ سومر 18 ڊسمبر تي صبح 10 وڳي ايس يو پي ھائوس کان ڊي سي آفيس تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو ڪنڌڪوٽ جي غيرتمند باشعور عوام ھارين ء سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي شرڪت جو اپيل ڪجي ٿو