ڪشمور جي ڪچي واري علائقي دراني مهر مان پوليس ڪارروائي دوران 3 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. 3 مغوين جي بازياب ٿيڻ باوجود سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي ڌرڻو جاري آهي پوليس پاران ڪارروائي دوران بازياب ڪرايلن ۾ مکهي جگديش ڪمار، سندس پوٽو جئي ديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ شامل آهن مغوين جي بازيابي لاءِ هنيل ڌرڻي سبب ٽنهي صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي. مظاهرين پاران ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي به بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي مغوي ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ڀينرن رات ڌرڻي ۾ پهچي ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ڀينرن جون ڌرڻي ۾ دانهون ٻڌي مظاهرين به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا گذريل رات جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه به يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا مغوين جي بازيابي جي حوالي سان ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ چيو آهي ته پوليس کي اطلاع ملي ته ڌاڙيل مغوين کي هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه تي منتقل ڪري رهيا آهن پوليس موقعي تي پهتي ته ڌاڙيلن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ سبب ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا ايس ايس پي امجد شيخ موجب پويلس ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي سمورن مغوين جي بازيابي تائين آپريشن جاري رهندو ڪالهه مظاهرين پاران ايس ايس پي امجد شيخ، پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسان مزاري کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو. جڏهن ته هندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته سمورن مغوين جي بازيابي تائين احتجاج تحريڪ جاري هندي اسان ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو چاهيون ٿا