ڪشمور ۾ عوامي ورڪر پارٽي پاران 10 مهيني اڳ اغوا ٿي ويل نياڻي نازيه کوسو ۽ سندس نينگري ڪوثر کوسو جي بازيابي لاء ۽ قبيلائي دھشتگردي جي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هي ريلي ڪشمور پريس ڪلب کان وٺي ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب تائين پيادل ويندي ڪشمور پوليس خالي آسرا پئي ڏي 10 مهينا گذري ويا آهن پر هن وقت تائين نياڻي نازيه کوسو ۽ سندس نينگري ڪوثر کوسو ڏوهارين جي چنبي ۾ آهن مسلسل ايس ايس پي بدلندا رهيا آھن پر هن وقت تائين نياڻين کي ڪو به ايس ايس پي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي هُنن چيو آهي ته جيستائين نياڻي نازيه کوسو ڪوثر بازياب ڪونه ٿيندا ۽ قبيلائي دھشتگردي ختم ڪونه ٿيندي اسان جو احتجاج جاري رهندو