ڪشمور : ۾ مري ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي ڪارنھن معاملي تان جهيڙو ٿي پيو لٺين ۽ سروٽن جو آزادانه استعمال ٿيڻ سبب سبب ڳوٺ ﷲ بخش مزاري واسي مري برادري جي ٻن پيرسن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي علاج لاءِ تعلقي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي زخمين ۾ ٻن پيرسن ،غلام نبي مري، گھرام مري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن کي ڪشمور اسپتال مان طبعي امداد ڏيڻ بعد رحيميار خان منتقل ڪيو ويندو جھيڙي دوران چانڊيا برادري جي ڌر جا ادادن چانڊيو، زبير چانڊيو، سميت ٽي ڄڻا پڻ زخمي ٿيا آهن جن جو سول اسپتال ۾ علاج ھلندڙ آهي ٻئي پاسي چانڊيا برادري جي زخمين ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ مري برادري جي ماڻهن اسان جي رستا روڪ ڪري اسان جي ھڪ عورت کي زخمي ڪيو هو جيڪا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ھئي ۽ جنهن بعد اسان مٿان مري برادري جي ماڻهن ڪارنھن جو ڪوڙو الزام لڳائي اڄ وري جھيڙو ڪري زخمي ڪيو آهي ڪشمور پوليس معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي ڪشمور پوليس ڌرين خلاف ڪارروائي نه ڪئي ٻنهي ڌرين جو ڪو به مان گرفتار نه ٿي سگهيو ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي