ڪمبوڊيا ۾ سائبر فراڊ جو ڄار تيزي سان ڦهلجي ويو، نوجوان جعلي نوڪرين جي ڄار ۾ ڦاسڻ لڳا

ڪمبوڊيا ۾ تيزي سان وڌندڙ سائبر فراڊ انڊسٽري دنيا جي مختلف ملڪن جي شهرين، خاص طور تي نوجوانن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽن موجب ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وڏا “اسڪام سينٽر” ۽ ڳجها ڪمپائونڊ قائم ڪيا ويا آهن، جتي منظم طريقي سان آن لائن دوکي (سائبر فراڊ) جو وسيع نيٽ ورڪ هلايو پيو وڃي.

ذريعن موجب اهي گروهه سوشل ميڊيا ۽ جعلي ويب سائيٽن ذريعي نوجوانن کي پرڪشش نوڪرين، وڏي پگهار ۽ روشن مستقبل جا خواب ڏيکاري ڪمبوڊيا اچڻ لاءِ آماده ڪن ٿا.اطلاعن مطابق ڪيترن ئي متاثر ماڻهن کي ڪمبوڊيا پهچڻ کان پوءِ مختلف پابندين ۽ دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته ڪجهه واقعن ۾ کين سائبر فراڊ جي سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.