تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته ڪميشن نه بڻجندو ته اسان حڪومت سان صرف فوٽو سيشن جي لاءِ ته نٿا ويهي سگهون. اسلام آباد ۾ جوڊيشل ڪمپليڪس جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته سپريم ڪورٽ جي آڏو احتجاج بابت ڪيس ۾ پيش ٿيس، ڪيترن ئي وڪيلن تي دهشتگردي جا ڪيسز داخل ٿيا، جج صاحبان چيو ته اميد آهي ته ايندڙ تاريخ تي ڪيس ختم ٿي ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڳالهيون بهترين رستو آهي، وڏي فراخدلي سان اسان ڳالهيون شروع ڪيون هيون ۽ خدشن جي باوجود نيڪ نيتي سان ڳالهين ۾ ويٺا هئاسين اسان سان زيادتيون ڪيون ويون، اسان جو مينڊيٽ چوري ٿيو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي جهيڙي طريقي سان سزائون ڏنيون ويون اهي سڀني جي سامهون آهن. انهن سڀني شين جي باوجود پي ٽي آءِ باني ٻن مطالبن تي ڳالهين جو اعلان ڪيو هو. بيرسٽر گوهر چيو ته اسان حڪومت کي چيو ته 7 ڏينهن ۾ ڪميشن ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ جو اعلان ڪري، ڪميشن ۾ اهو به طئي ٿيو هو ته انهي ۾ ججز ڪير آهن، ٽي او آرز ڪهڙا هوندا پر حڪومت طرفان ڪجهه به سامهون نه آندو ويو جيڪو ثابت ڪري ته ڪميشن ٺاهڻ جي نيت ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪميشن نه بڻجندو ته حڪومت سان صرف فوٽو سيشن جي لاءِ ته نٿا ويهي سگهون. تحريڪ انصاف سمورين پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، پي ٽي آءِ باني پاڻ انهي کي شروع ڪيو ۽ سڀني کان پهريان ڪميٽي پي ٽي آءِ باني ٺاهي.