ڪنهن به پرڏيهي کي غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهائش جي اجازت نه ڏني ويندي: گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير ڊونڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئي جنهن دوران گهرو وزير پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي خدمتن جي تعريف ڪئي ۽ انهي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. الوداعي ملاقات ۾ آمريڪي سفير پاڪستان ۾ تازو دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي. انهي موقعي تي محسن نقوي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ لائحه عمل بنائڻو پوندو. محسن نقوي چيو ته ڪنهن به پرڏيهي کي غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهائش جي اجازت نه ڏني ويندي. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۾ مقرري دوران سمورن ادارن جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو.