ڪنڊيارو ڀرسان 2 مهينا اڳ شادي ڪندڙ نوجوان گهرو اڻبڻت تان زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ عمر پٺاڻ ۾ گھرو اڻبڻت سبب 2 مھينا اڳ شادي ڪندڙ 25 ورهين جي نوجوان احسان سولنگي زھريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ عمر پٺاڻ ۾ گھرو اڻبڻت تان پيءُ پاران دڙڪا ڏيڻ سبب 2 مھينا اڳ شادي ڪندڙ نوجوان احسان سولنگي زھريلي جيت مار دوا پي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو جڏھن تـ نوجوان جي اھڙي انتھائي قدم کڻڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي، علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل آھي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جنهن بعد قانوني گھرجون پوريون ڪري لاش وارثن حوالي ڪري ڪيو ويو.