ڪنڌرا: جھيڙو ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ سبب 3 ڄڻا زخمي

ڪنڌرا رپورٽر راشد گل ڪانڌڙو ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ۾ ڪلهوڙا ڌاريجا برادري جو جھيڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي پيو ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ پنجل ڪلهوڙو جھانگير ڪلهوڙو زخمي جڏهن ت هڪ واٽھڙو عورت تحمينا ٻرڙو کي رولوگولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي زخمين کي سول اسپتال ڪنڌرا منتقل ڪيو ٻنھي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري علائقو جنگ جو ميدان بڻيل پوليس واقعي واري هنڌان غائب ،