ڪنڌرا کان واھ ٻرڙا ويندڙ لنڪ روڊ ڪيترن ئي سالن کان خراب ڳوٺاڻن پاران واھ ٻرڙا کان ڪنڌرا تائين پيدل ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو

ريلي جي اڳواڻي استاد محمد زڪريا ٻرڙو مولانا سڪندر ٻرڙو وزير علي ٻرڙو غلام نبي ٻرڙو ۽ ٻين ڪئي سندن جو چوڻ آهي ته اسان جو روڊ ڪيترن ئي سالن کان خراب آهي پرانتظاميا روڊ ٺھرائڻ لاء تيار ناھي اسان جو سنڌ نگران حڪومت کان مطالبو آهي ته اسان کي جلد روڊ ٺھرائي ڏنو وڃي