ڪنڌڪوٽ:استاد ﷲ رکيو جي قاتلن خلاف آپريشن دوران… ڳوڙن سان ڀريل ڳل، معصوم ٻار ھٿن ۾ پاڪ ڪتاب کنڻي ايس ايس پي اڳيان الاپون ڪندي چيو تہ صاحب اوھانکي ڏسندي اسان جا وڏڙا فرار ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ:استاد ﷲ رکيو جي قاتلن خلاف آپريشن دوران ڳوڙن سان ڀريل ڳل، معصوم ٻار ھٿن ۾ پاڪ ڪتاب کنڻي ايس ايس پي اڳيان الاپون ڪندي چيو تہ صاحب اوھانکي ڏسندي اسان جا وڏڙا فرار ٿي ويا ليڪن توھان ھن قران پاڪ جي صدقي اسانجي اجھن کي مسمار نہ ڪيو،استاد جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪاوڙ، غم ۽ غصي ۾ سرگرم رھندڙ ايس ايس پي معصوم جا لفظ ۽ قران پاڪ جو منظر ڏسي، ٻار کي ڀاڪر پئي چيو تہ ٻچڙا ڪاش اوھان جا وڏڙا اوھانجي مستقبل جو سوچن ھا تہ اڄ شعور، علم، ادب جو قتل ڪون ڪن ھا، ۽ اسان کي اھڙي حالتن تي مجبور ڪرڻ وارا بہ اوھان جا وڏا آھن. جنھن اوھانجي علم ۽ شعور کي قتل ڪري اوھانکي جھالت طرف ڌڪي ڇڏيو آھي، ننڍڙي سڏڪا ۽ سسڪون ڀريندي ساھي سان چوڻ لڳو تہ بلڪل ھو ڏوھي آھن، پر اوھان اسان تي رحم ڪري چوپڙن کي پَٽَ نہ ڪيو،اھڙيون ڳالھيون ٻڌي ايس ايس پي صاحب پڇڻ لڳو تہ اوھان ڇا ڪندا آھيو؟ سائين آئون ٻئي ڪلاس جو شاگرد آھيان، اھو ٻڌي وڌيڪ ايس ايس پي وجھيو ويھاري پڇو تہ اوھان وڏا ٿي ڇا ٿيندو؟ ننڍڙي حالتن کي ڏسي چوڻ لڳو بابا آئون ھڪ پوليس آفيسر ٿي پنھنجي ديس جي مالڪي ڪندس،تنھن وقت ايس ايس پي صاحب چيو تہ پنھنجي وڏڙن کي ڇا چوندو، ننڍڙي: سائين آئون وڏڙن کي ھٿ ٻڌي التجاءِ ڪندس تہ ڏوھن جي دنيا کي ڇڏي اسانکي کي پڙھائي آفيسر ڪيو تہ جيئن پنھنجي ڌرتي جي ماڻھن سان محبت ڪري فرض نڀائيون، ائين چوڻ بعد سندس معصوم کي ايس ايس پي صاحب پيار ڏئي ڪجھ پئسہ شاباس طور پيش ڪيا، ۽ بعد ۾ معصوم جي احساسن ۾ جڪڙجي، پنھنجو رُخ معصوم جي گھر ڊاھڻ کان چيئج ڪري ڇڏيو، چوڻ جو مقصد ھر آفيسرن جي اندر ۾ بہ احساس ڀريل ھوندو آھي، جٿي قاتل جي ٻارڙن سان بہ پيار ڪرڻ بعد مجبورن انھن جي ڳالھين کي مڃي وٺندا آھن، ليڪن انھن ظالمن، قاتلن ڏوھارين کي بہ گھرجي تہ اوھان ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جا گھر تباھ ڪيو پيا، جن معصوم ٻارڙن کان مستقبل، جو علم، شعور ۽ والدين جھڙيون عظيم حستيون ڇني ڇڏيو ٿا، خدارا پنھنجي ٻچن ۽ ٻين جي ٻچن جو خيال ڪيو چند لالچن لاءِ ڪيترن معصومن جا خواب ڪچلي ۽ قتل ڪري ڇڏيو ٿا، ظلمن جي دنيا کي الوداع ڪري پنھنجا ٻچڙا پڙھايو لازمي ناھي تہ صرف اميرن جا ٻار آفيسرن ٿيندا رھن، ۽ اوھان بدامني جا ذميوار رھندا رھو بدلايو سماج، بدلايو پاڻ کي نئي نسلن جي ھٿن ۾ ھٿيار ڏيئن بجا قلم کي عام ڪيو..