ڪنڌڪوٽ:الخدمت فائونڊيشن پاران ڪشمور ضلعي جي ترڪي ۽ شام جي زلزلي متاثرن لاءِ امدادي ڪيمپ قائم ڪئي وئي

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،الخدمت فائونڊيشن پاران ڪشمور ضلعي جي ترڪي ۽ شام جي زلزلي متاثرن لاءِ امدادي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ ٽاور چوڪ ڪنڌ ڪوٽ ۾ امدادي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ شهرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلعي ڪشمور جي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي چيو ته ترڪي ۾ آيل زلزلي ۾ 28 هزار انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. ۽ شام افسوسناڪ آهي ان جي باوجود به لکين ماڻهو زخمي آهن ۽ انهن کي مدد جي ضرورت آهي جنهن کي اسان اڪيلو نه ٿا ڇڏي سگهون ۽ الخدمت جي هي امدادي ڪيمپ قابل تعريف آهي، اڳوڻو ضلعي امير آغا عبدالفتاح پٺاڻ، سيڪريٽري جنرل الخدمت الياس نور چنا، ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ طالب حسين سبزوئي ۽ ٻين عهديدارن ۽ رضاڪارن شرڪت ڪئي