بڊاڻي ڀرسان درگاه ميران شاه ويٺل پورهيت شاهمير ميراڻي پنهنجي نُنهن سان گڏجي جوابدارن پاران گهر اندر داخل ٿي مُبينا زيادتي ڪرڻ واري واقعي خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي مسمات آمنه خاتون ۽ شاهمير ميراڻي جو چوڻ هو ته رات جو دير سان ٽي نامعلوم ماڻهو اسان جي گهر اندر گهڙي اسان مٿان تشدد ڪري اسان سان مُبينا زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڙين ۽ دانهن بعد هٿياربند منهنجي سهري شاهمير مٿان مُبينا تشدد ڪري فرار ٿي ويا هنن چيو ته اسان واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آهي پر ان باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪندي چيو ته اسان سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي