تفصيل موجب تنگواڻي لڳ بنگوار ء باجڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد م بنگوار برادري جي ھٿياربندن جو ڳوٺ محمد حيات باجڪاڻي تي چڙھائي فائرنگ جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو 20 سالن جو شاھد علي باجڪاڻي پٽ عبدالرزاق باجڪاڻي ٿڏي قتل ٿي ويو جڏهن ته ھٿياربندن قتل ڪرڻ بعد موقعي واردات تان فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال کڻائي آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو مقتول جو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو ڳوٺ م سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو