ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ (سپلنگ بي) جي عنوان هيٺ ڪيڊٽس جي ذهني آزمائش جي شاندار تقريب ٿي گذري. هن شاندار پروگرام جو مهمانِ خاص ڪيڊٽ ڪاليج ڪرم پور جو ايڪٽنگ ايجوڊنٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪوآڊينيٽر سلمان احمد ڪولاچي هئا پروگرام جي شروعات قرآن مجيد جي تلاوت سان ڪئي وئي, ان کان پوءِ جناح ھائوس, اقبال هائوس ۽ شهباز هائوس جي ٽيمن جا ٻه ٻه گروپ ٺاهيا ويا. گروپ A ۾ نائين ، ڏهين۽ياريھن درجي جي ڪيڊٽس ۽ گروپ B ۾ ستين ۽ اٺين درجي جي ڪيڊٽس وچ ۾ مقابلو ٿيو, جنهن ۾ گروپ A ۾ سخت مقابلي کان پوءِ شھباز ھائوس جي ڪيڊٽ ميان مزمل ڪاميابي حاصل ڪئي, جڏهن ته گروپ B ۾ سخت مقابلي کان پوءِ جناح هائوس جي ڪيڊٽ جاويد احمد ڪاميابي حاصل ڪئي.آخر ۾ ڪامياب ڪيڊٽس کي پروگرام جي مهمانِ خاص ايڪٽنگ ايجوڊنٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪوآڊينيٽر سلمان احمد ڪولاچي انعام ڏنا ۽ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جي حوالي سان ڪيڊٽس لاءِ ھڪ بهترين ادارو آهي جنهن ڪيڊٽس جي ذهني ۽ جسماني واڌ ويجھ لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪيو آھي. سائين ڪامياب ڪيڊٽس کي مبارڪون ڏنيون ۽ وڌيڪ چيو ته ڪيڊٽس کي ڪاليج ۾ ٿيندڙ سمورين سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. سائين وڌيڪ چيوته ڪيڊٽس جي شاندار ڪارڪردگي قابل استادن جي سخت محنتن جو ثبوت آھي. ڪامياب ۽ شاندار پروگرام ڪرائڻ تي پروگرام انچارج توقير احمد ماهوٽي ۽ سمورن استادن کي مبارڪون ڏنيون