ڪنڌڪوٽ:ساوند-سندراڻي ڪارنهن تڪرار تان قتل ٿيل ٻن عورتن سميت 25 ماڻھن جي هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاء منٿ ميڙ قافلو قرآن پاڪ کڻي ڌرين وٽ پهتو

ڪنڌڪوٽ:ساوند-سندراڻي ڪارنهن تڪرار تان قتل ٿيل ٻن عورتن سميت 25 ماڻھن جي هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاء منٿ ميڙ قافلو قرآن پاڪ کڻي ڌرين وٽ پهتو ڪچي ۾ سندراڻي-ساوند ھلندڙ ٻن سالن کان خوني تڪرار جي خاتمي لاء علائقي جي چنڱن مڙسن سيد رحم علي شاھ.مقدم جعفر گولو.محمد ابراهيم گولو.ڀورو باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قرآن پاڪ کڻي ھڪ منٿ ميڙ قافلو ڪچي ۾ رئيس حبيب الله ساوند، بشير ساوند وٽ پھتامنٿ ميڙ قافلي ۾ شريڪ ماڻهن ساوند ڌر جي معززين کي صلح ڪرڻ ۽ خوني تڪرار کي ختم ڪرڻ لاء منٿ ميڙ ڪئي ۽ قرآن پاڪ جا پڻ واسطا ڏناخوني تڪرار ختم ڪيو وڃي ته جئين بي گناھ ماڻھون مارجي وڃڻ کان بچي سگهن:منٿ ميڙ قافلي ۾ شريڪ معززينساوند ڌر جي چنڱن مڙسن جواب ۾ آيل منٿ ميڙ قافلي ۾ شريڪ معززين کي مثبت موٽ ڏني ۽ صلح لاء راضپو ڏيکاريندي صلح لاء حامي ڀري بعد ۾ منٿ ميڙ قافلو مقدم رمضان سندراڻي.ڄام سندراڻي.راحب سندراڻي ۽ گڏو سندراڻي وٽ قافلو پهتوقافلي ۾ شريڪ ماڻهن سندراڻي برادري جي ماڻھن کي چيو ته خدارا خوني تڪرار ختم ڪيو خوني تڪرار تباهي کان سواءِ ڪجھ به نه آهي:قافلي ۾ شريڪ معزز خوني تڪرارن سبب ڳوٺ اوطاقون ويران آهن ٻارڙن جي تعليم تباھ آهي جنھن ڪري صلح ڪيو منٿ ميڙ قافلي کي سندراڻي برادري جي معززين ماڻهن مصبت موٽ ڏيندي صلح ۽ جنگ بندي لاء راضپو ڏيکاريو منٿ ميڙ قافلي ۾ آيل معززين چيو ته گذريل ٻن سالن کان ڪارنھن تڪرار تان ڪر کينل ساوند سندراڻي ھلندڙ خوني تڪرار ۾ ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا ٻن عورتن سميت 22 ماڻھون قتل ۽ چار کان وڌيڪ پڻ زخمي ٿي چڪا آهن روزانو ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ ھلندڙ آهي جنھن سبب علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي ۽ ماڻھون سخت پريشان آهن جنھن ڪري ڪوشش آھي ته ڌرين جي وچ ۾ صلح ٿي:قافلي ۾ شريڪ معززين جون ڳالهيون