ڪنڌڪوٽ:غوثپور لڳ ڳوٺ واحد بخش خان بجاراڻي ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ گئس جي عملدارن خلاف ڳوٺاڻن جو هٿن ۾ گئس جا آيل بل کڻي ابوبڪر ڀيو

ڪنڌڪوٽ:غوثپور لڳ ڳوٺ واحد بخش خان بجاراڻي ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ گئس جي عملدارن خلاف ڳوٺاڻن جو هٿن ۾ گئس جا آيل بل کڻي ابوبڪر ڀيو. محمد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سوئي سدرن گئس ڪنڌڪوٽ جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي۔ ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گئس جي سپلائي هٿرادو بند ڪري رشوت طلب ڪئي ويئي هئي نه ڏيڻ تي مهينن کان گئس بند آهي۔ بغير ميٽر چيڪ ڪرڻ جي گئس عملي پاران هر مهيني ۾ هزارين روپيا گئس جو بل اماڻيو وڃي ٿو جيڪا اسان سان سراسر ناانصافي آهي۔ مظاهرين جو چوڻ هو ته چئن مهينن کان گئس عملي پاران رشوت نه ملڻ ڪري گئس جي سپلائي کي هٿرادو بند ڪري ڳرا بل اماڻي اسان پورھيت طبقي مٿان ظلم ڪيو پيو وڃي جيڪو نا قابلي برداشت آهي۔ وڌيڪ مظاهرين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو وڃي۔ ٻئي صورت ۾ سوئي سدرن گئس جي عملدارن خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو