ڪنڌڪوٽ :غوثپور پولیس ۽ رینجرز جو درانی مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ ٽئي ڏينهن به خادو بھیو گینگ خلاف گريند آپريشن ڪيو ويو، جڏهن ته آپريشن جي نگراني
ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ روحل کوسو ۽ ونگ ڪمانڊر رینجرز ڪري رهيا هئا، آپريشن دوران پوليس ۽ رينجرز طرفان ڀيو گينگ جي بدنام ڏوهاري خادم ڀيو کي ٺڪاڻا کي مسمار ڪرڻ ۽ ڪجھ ڏوهارين زخمي ڪرڻ جي دعوا پڻ ڪئي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪرڻ جي به دعوا ڪئي آهي، جڏهن ته آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچر پڻ فائر ڪيا ويا، جڏهن ته ٽئي ڏينهن به هلندڙ آپريشن دوران دراني مهر واري علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو هو، ٽئي ڏينهن به جديد هٿيارن سان فائرنگ ٿيڻ سبب علائقي واسين ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي هئي ۽ علائقي واسين گهرن تائين محدود رهيا. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ روحل کوسو ٻڌايو آهي ته ڪشمور پوليس رٽ کي مضبوط رکڻ لاءِ ۽ ڀيو گينگ جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن ڏوهاري پنهنجو پاڻ کي قانون حوالي ڪن ته ان لاءِ بهتر رهندو، جڏهن ته قانون کان مٿانهون ڪير به نه آهي