ڪنڌڪوٽ : غوثپور ڀرسان اوچتو چلھ باھ چڻنگ اٿڻ سبب ميھار ميراڻي ياسين ميراڻي جا گهر سڙي ويا نينگري سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا باھ جي دوران گهرن پيل سڄو سامان سڙي ويو متاثرين کليل آسمان ھيٺ ويٺل بي يارومددگار جي اپيل ڪندي تفصيل موجب غوثپور ڀرسان ملان مينهون واري علائقي ڀرسان ڳوٺ رئيس ﷲ ڏنو ميراڻي ۾ چُلھ جي چڻنگ مان اوچتو باھ لڳڻ سبب ميهار ميراڻي ۽ ياسين ميراڻي جا گهر سڙي رک ٿي ويا۔گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو باھ جي دوران نينگري گڏي مسمات فاطما خاتون مھراڻ ميراڻي سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته فائربرگيڊ کي اطلاع ڏيڻ باوجود نه پھتو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد تحت باھ وسائي ٻين گهرن کي سارڻ کان بچائي ورتو آهي زخمين کي فوري متاثرن ٻڌايو ته باھ جي شدت ايتري تيز ھئي جو گھر ۾ پيل ڪڻڪ۔ ڪپڙا۔ بسترا۔ کٽون۔ نياڻي جو ڏاج۔ روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو۔ وارثن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته باھ لڳڻ سبب مسمات فاطمه، نينگري گُڏي ۽ مهراڻ ميراڻي سميت چار ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا۔ جن کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ باھ وسائڻ لا۽ ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوشش شروع ڪري ڏني۔۔ فائير برگيڊ نه پھتي۔ جنھن سبب سندن گھر جو سامان سڙي رک ٿي ويو۔ متاثرن ميھار ميراڻي۔ فاطمه ميراڻي ۽ ٻين ڊي سي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته اسانجي واھر ڪئي وڃي