ڪنڌڪوٽ :غوثپور گورنمينٽ ڪئمپس پرائمري اسڪول غوثپور جيڪو سرڪاري سھولتن کان محرم ٿي ويو آھي جڏھن کان ھاء اسڪول جي انڊر ۾ ٿيو آھي گورنمينٽ اسڪول مين پرائمري اسڪول جنھن جو قيام 1899ع ۾ ٿيو ھن جي بلڊنگ 1920ع ۾ انگريزن جي دؤر ۾ تعمير ڪئي وئي بجلي بي نه ھجڻ جو احساس نه ڏيارڻ واري بلڊنگ جو حال انتھائي ڏکائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ آھي ھن اسڪول جو حال اھو آھي جو ھن ڇت زبون حال آھي جنھن ۾ شاگردن جي زندگي متاثر ٿي سگھي ٿي اسڪول ۾ فرنيچر جو نه ھئڻ شاگردن جو زمين ويھي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن ھيڏي تاريخي اسڪول جو حال اھو آھي جو نلڪو موٽر ۽ واش روم جو فقدان آھي ھڪ طرف استادن جي کوٽ سبب شاگردن جي تعليم تباھ ۽ برباد ٿي رھي پھرين فيس ۾ به استاد ڀرتي ڪيا ته به مين پرائمري اسڪول ۾ ڪنھن جي به پوسٽنگ ڪونه ڪئي ھن ڀيري سرڪار کي آگاھي ڏجي ٿي ته ھن فيس ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي مٿين ڳالھين کي سختي سان اسڪول جي گھرجون مڪمل ڪيون وڃن غوثپور شھر جي والدين جو اعلي اختيارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته سرڪاري اسڪولن ۾ صرف مزدورن غريبن ھارن جا ٻچا پڙھندا آھن ھر شئ اعلي اختيارن جي حوالي آھي اھي به تباھي جي ڪناري ته پھتل آھن سو ضلعي ڪشمور جي اعلي آفيسرن کي عرض آھي ته مين پرائمري اسڪول غوثپور کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي