ڪنڌڪوٽ: فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف شيعاء علماء ڪونسل جي مرڪزي سڏ تي ڪنڌڪوٽ ۾ به شيعاء علماء ڪونسل پاران سوين ڪارڪنن مدرسه ارشاد الثقلين کان پريس ڪلب تائين مولانا ادب حسين نجفي، بشير حيدري، جميل حيدري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاھرين فلسطینین جي حق ۾ ۽ اسرائیلي جارحيت خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته فلسطين مٿان بمباري ڪري اسرائيل بيگناھه معصوم ٻارن ۽ عورتن کي شھيد ڪري رھيو آهي پر عالمي دنيا ۽ اقوام متحدہ جي مجرماڻي خاموشي آهي پاڪستان جي حڪمرانن به ڪو آواز نه اٿاريو آهي اسين مسلمان فلسطين جي مظلوم عوام سان ٿيندڙ ظلم زيادتين تي خاموش نه رھنداسين عالمي دنيا ۽ اقوام متحدہ کان گھر ڪيون ٿا ته اسرائيلي جارحیت جو نوٽيس وٺي ڪري فلسطينين مٿان ٿيندڙ اسرائیلي ظلم بند ڪرايو وڃي