ڪنڌڪوٽ. ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق کيڙو جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل پورهيت پپو بهلڪاڻي جي وارثن کي انصاف نه مليو

ڪنڌڪوٽ. ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق کيڙو جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل پورهيت پپو بهلڪاڻي جي وارثن کي انصاف نه مليو ايس ايڇ او رفيق کيڙو پاڻ سميت ٻين پوليس اهلڪارن کي قانون جي گرفت کان بچائڻ خاطر وارثن وٽ علائقي جي سيدن سميت معززين جو ميڙ منٿ قافلو وٺي ڳوٺ نور محمد بهلڪاڻي پهتو فوتي پورهيت جي وارثن قافلي اڳيان قاتل اهلڪارن جي گرفتاري جو مطالبو ۽ برادري سان صلاح ڪرڻ جو چئي قافلي کي واپس ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ فوتي نوجوان پپو بهلڪاڻي جي وارثن علي محمد بهلڪاڻي عبدالقادر بهلڪاڻي ۽ نوجوان جي ڀاء محمد بخش بهلڪاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوان جو ڪو به ڏوه نه هو ڪنڌڪوٽ جي گشتي پوليس ان کي گرفتار ڪري اي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو جٿي کين تشدد جو نشانو بڻايوويو جنهن بعد نوجوان جي آزادي لاءِ اي سيڪشن جي ايس ايڇ او رفيق کيڙو ست لک رشوت گهري جيڪا رقم اسان جي ڏيڻ جي وس کان ٻاهر هو جنهن بعد پوليس وڌيڪ نوجوان تي تشدد ڪري هن کي موت جي ٻه واٽي تي بيهاري اسان کان پوء صرف هڪ لک رپيا رشوت ۽ چڱي مڙس جي ضمانت گهري ورتي ۽ اهو به اسان کي چيو ويو ته اوهان جي نوجوان جي حياتي بچي يا نه ان سان اسان جو ڪو تعلق نه رهندو اسان جي انڪار تي پوليس پاڻ نوجوان کي علاج خاطر ٻئي شهر کڻائي وئي جتي زخمن جا سور نه سهندي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو نوجوان ڪنهن به ڏوهي ڪارروائي ۾ ملوث نه هو پوليس اسان سان ظلم ڪيو آهي اسان جو ٻيو نوجوان دلبر بهلڪاڻي به پوليس جي تشدد ۾ زخمي حالت ۾ آهي جنهن جي زندگي کي به خطرو آهي هنن چيو ته اسان قاتل اهلڪارن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪنداسين اسين چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪريون ٿا عدالت کان مٿاهون ٿيل قتل جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي