تفصيل موجب ايم ڊي اسٽيوٽا جي منور علي مٺياڻي ء ريجنل ڊائريڪٽر اسٽيوٽا جي مريد حسين ککراڻي جي ھدايتن تي وڪيشنل اسڪول ۾ سنڌي ثقافتي ۽ تعليمي جاڳرتا جو رنگا رنگ پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ اسڪول جي شاگردياڻين تقريرون ٽيبلوز توڙي قومي گيتن تي رقص ڪري پنڊال ۾ ويٺل مهمانن کان خوب داد وصول ڪيو سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي قومون پنهنجي ثقافت سان محبت ڪنديون آھن پنهنجي ثقافت تي اسان کي فخر آھي تعليم انسان جي ٽين اک آھي تعليم کان سواء انسان اڌورو آھي علائقي واسي پنهنجن ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڀرپور ساٿ ڏين ۽ اسڪول کان ٻاهر شاگردن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائين وڪيشنل اسڪول ۾ ثقافتي ۽ تعليمي جاڳرتا جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ وڪيشنل اسڪول جي شاگردياڻين تقريرون ٽيبلوز پيش ڪري پنڊال ۾ ويٺل مهمانن کان خوب داد وصول ڪيو ان موقعي تي اسڪول جي ڊي ڊي او غفران علي ملڪ ء ميڊيم نبيلا ملڪ چيو آهي ته اھڙن ايونٽس سان نياڻين جي حوصلا افزائي سميت سکڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو اسان جي ثقافت هزارين سال پراڻي ثقافت آھي جنهن تي اسان کي فخر آھي اسان پنهنجي ڌرتي ماءُ جي سهڻي ۽ خوبصورت ثقافت تي فخر محسوس ڪيون ٿا تعليم انسان جي ٽين اک تعليم کان سواء انسان اڌرو آھي شھرين سميت علائقي جي ماڻھن گهرجي ته پنهنجن ٻارڙن کي تعليم جهڙي قيمتي زيور سان نوازين ۽ وڪيشنل اسڪول ۾ داخل ڪرائين هتي بهتر کان بهتر تعليم ڏني پئي وڃي انشاء الله تمام جلد هن اسڪول جو امتحاني سينٽر ملي ويندو پروگرام ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگريادڻين ۽ ٻين انعام ڏنا ويا ھنن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ھفتي اسڪول م سلائي ڪڙھائي ء فيشن ڊيزائن جا پڻ مقابلا پڻ ڪرايا ويندا