ڪنڌڪوٽ باء پاس وٽ گولا برادري جو ڌرڻو اغوا ٿيل در محمد گولو ۽ گل محمد گولو جي بازيابي تائين ڌرڻو لڳل رھندو مظاھرين جو ايس ايس پي کان مطالبو

ڪنڌڪوٽ باء پاس گولا موڙ انڊس هاءِ وي وٽ گولا برادري جو احتجاج ڌرڻو ھڻي وئي رھيا پوليس خلاف ڇٽي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مشتاق گولو، جعفر گولو ،موٽي گولو ۽ ٻن جي اڳواڻي ۾ گولا برادري پاران مغوين ڌر محمد گولو ۽ گل محمد گولو جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رھندو، ھنن چيو آهي ته پوليس اسان کي صرف آسرا ڏئي رئي آهي پر 25 ڏينهن گذري چڪا آهن پوليس اڃا تائين اسان جي پيارن کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ھنن چيو ته جيسيتائين مغوين کي بازياب نه ڪرايو ويندو تيستائين احتجاجن روڊ بلاڪ رھندو، جڏهن ته روڊ بند ھجڻ جي ڪري مسافر گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ مسافر پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا