ڪنڌڪوٽ : بڊاڻي پوليس جو خفيه اطلاع ملڻ تي آئس فيڪٽري وٽ ڪاروائي ڪري

ڪنڌڪوٽ : بڊاڻي پوليس جو خفيه اطلاع ملڻ تي آئس فيڪٽري وٽ ڪاروائي ڪري هڪ جوبدار غلام شاه عرف جاڙو ملڪ کي ڪليشنڪوف سميت گرفتار ڪري ورتو.سندس مٿان سرڪار جي فرياد تي مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بڊاڻي خليل احمد رند ٻڌايو ته خفيه اطلاع ملڻ بعد پوليس ڪاروائي ڪئي جنهن ۾ هڪ جوابدار غلام شاه عرف جاڙو ملڪ گرفتار ڪيو آهي جنهن مٿان غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوھ ۾ مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قانون سڀ لاء برابر آهي ڪيترو به جوابدار بااثر ڇو نه هجي ان کي ڪڏهن به بخش ڪون ڪبو ايس ايس پي صاحب جي حڪم مطابق پوليس ڏينهن رات محنت ڪري پئي انشاء الله جلد امن بحال ڪرائينداسين ٻي پاسي زريعن مان معلوم ٿيو آهي ته جاڙو ملڪ مٿان الزام آهن ته هن مُکي جڳديش ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابي جي لاء هندو برادري کان 40 لک ڀُنگ ورتا جنهن تي هُن کي گرفتار ڪيو ويو آهي