ڪنڌڪوٽ : تنگواڻي لڳ زمين جي ماپ تان بھلڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو فائرنگ ھڪ ڄڻو قتل

تفصيل موجب تنگواڻي لڳ تنگواڻي ٿاڻي جي حد ھاسواھ جي ڳوٺ رسول بخش بھلڪاڻي م زمين جي ماپ تي ڇڪتاڻ تان جھيڙو ٿي پيو ڪلاڪ تائين ٺاپر اچڻ کان پوء جوابدار بابو نوساني ولد جعمو نوساني ٻيھر چڙھائي ڪري گهر ۾ داخل ٿي پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي سئوٽ شبير احمد بھلڪاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ھڪ عورت پڻ سخت زخمي ٿي پئي ھوڏانھن جوابدار واقعي بعد موقعي واردات تان فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع تنگواڻي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش ء زخمي عورت کي اسپتال تنگواڻي آندو جتي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو زريعن جو چوڻ آهي ته مسئلو چار ويسواھ جي زمين تي ھو ان م نه ويڙھ نه ڪو ايڏو ڇڪتاڻ ھيو ٿوري منهن ماري ٿي ڪجھ ٺاپر ٿي ھرڪو گهر ھليو ويو ٿوري دير کان پوء بابو نوساني پسٽل کڻي ڇوڪر شبير احمد ڪڍ لڳو ويچارو گولين جو کاڄ جو شڪار ٿي ويو ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي