ڪنڌڪوٽ : تنگواڻي مھنگائي ” بدامني خلاف پاڪستان راه حق پارٽي ضلع ڪشمور جو تنگواڻي شھر گجراڻي ھوٽل کان بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

ڪنڌڪوٽ :تنگواڻي مھنگائي ” بدامني خلاف پاڪستان راه حق پارٽي ضلع ڪشمور جو تنگواڻي شھر گجراڻي ھوٽل کان بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقع تي اڳواڻن مولانا شاھ مور بلوچ ڊاڪٽر محمد قاسم نوناري محمد وسيم مھتاب علي حافظ خالد حسين شھزادو گجراڻي سيف الرحمان محمد علي بکراڻي حافظ قربان احمد ڊومڪي ۽ ٻين چيو ته ملڪ جي حڪمرانن ڪشمور جي عوام کي بدامني جي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي سڀ کان وڌيڪ بجيٽ سنڌ ۾ امن امان تي خرچ ڏيکاريو وڃي ٿو پر صوبائي حڪومت 15 سال ۾ سنڌي قوم کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۔ مھنگائي بدامني عروج تي آهي نگران حڪومت نوٽس وٺي حڪمرانن اسان کي آمريڪا۽ آئي ايم ايف وٺ غلام بڻايو ويو آهي عوام پاڪستان راه حق پارٽي جي ساٿ ڏي ته جئين ايندڙ اليڪشن ۾ کٽرائي اسين انھي غلامي جي زنجيرن کي توڙي پاڪستان کي مضبوط ڪنداسون جئين عوام خوشحالي ۽ امن سان زندگي گذاري سگھي۔ ان موقع تي پاڪستان راه حق پارٽي جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي