ڪنڌڪوٽ جماعت اسلامي پاران فلسطينين سان اظھار يڪجھتي ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف گھنٽا گھر چوڪ کان صوبائي اڳواڻ حافظ نصراللّٰه چنه ـ ضلعي امير غلام مصطفيٰ میراڻي، عبدالحفيظ بجاراڻي ـ عبيداللّٰه گولو ، فائق علي جکراڻي، ظريت بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي فلسطين جي حق ۾ ۽ اسرائیلي جارحيت خلاف نعریبازي ڪندي پريس ڪلب تائین ريلي ڪڍي انھي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بيت المقدس جو مسئلو ڪنھن ھڪ فرقي يا ڪنھن ملڪ جو مسئلو ناھین ھي مسئلو مسلمانن جي ايمان جو مسئلو آھي فلسطيني پنھنجي بقا ۽ آزادي جي جنگ وڙھي رھيا آھن اسرائیل فلسطین جي معصوم ٻارڙن، بيگناھہ ماڻھن، اسپتالن ۽ ذخيرن کي نشانو بڻائي رھيو آھي جيڪو عالمي اصولن جي خلاف ورزي آھي جبر ڏاڍ ذريعي فلسطيني علائقن تي اسرائیل جو قبضو عالمي معاھدن ۽ انساني حقن جي ڀڃ ڪڙي آھي انھن اقوام متحدہ کان مطالبو ڪيو ته فلسطيني مسئلي کي اقوام متحدہ جي قراردادن مطابق حل ڪرائي معصوم ۽ مظلوم فلسطينين کي اسرائیل کان نجات ڏياري وڃي