ڪنڌڪوٽ جي سينيئر صحافي پريس ڪلب ميمبر غلام ياسين لاشاري دل جو دورو پوڻ سبب هميشه لاء موڪلائي مالڪ حقيقي سان وڃي

ڪنڌڪوٽ جي سينيئر صحافي پريس ڪلب ميمبر غلام ياسين لاشاري دل جو دورو پوڻ سبب هميشه لاء موڪلائي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.سينيئر صحافي غلام ياسين لاشاري جي اوچتي وڇوڙي جي خبر جڏهن هر عام و خاص کي پئي ته پوري شهر ڪنڌڪوٽ جي شهرين ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي ويو ۽ صحافتي قلمي پورهي جي ساٿين پريس ڪلب جي ميمبرن ۾ سينيئر صحافي غلام ياسين لاشاري جي اوچتي وڇوڙي جي وارثن پاران اطلاع ڏيڻ تي سينيئر صحافي غلام ياسين لاشاري سان هميشه صحافتي فيلڊ ۾ گڏ رهندڙ پريس ڪلب جي ميمبرز ۾ اهو اطلاع جي جهوري وڌو سٿ جي ساٿي جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي صحافتي فيلڊ ۾ ۽ پريس ڪلب ۾ هميشه گڏ رهندڙ صحافي برادري اکين ۾ لڙڪ لاڙيندي کين گهر پهتا.سينيئر صحافي غلام ياسين لاشاري جي فوت ٿيڻ جي اطلاع ملڻ تي پريس ڪلب جي صدر پير بخش بنگوار ۽ جنرل سيڪريٽري راجا گوپي چند 3 ڏينهن لاء سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.جڏهن ته سينيئر صحافي غلام ياسين لاشاري جي جنازه ڪنڌڪوٽ جي جامع دارالفيوض ۾ ادا ڪئي وئي.سينيئر صحافي غلام ياسين لاشاري جي جنازه نماز ۾ صحافي برادري سميت وڏي انگ شهري مختلف سياسي تنظيمن سان واسطو رکندڙ اڳواڻ مختلف سرڪاري آفيسن جي عملدارن شرڪت ڪئي.سينيئر صحافي غلام ياسين لاشاري کي ڪنڌڪوٽ جي قبرستان ۾ سٿ جي ساٿين پريس ڪلب جي سينيئر صحافين وارثن آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو.ان سلسلي ۾ پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ جي سينيئر صحافين لياقت علي کوسو.مسعود عالم سومرو.علي حسن ملڪ.حفيظ ملڪ.راجا گوپي چند.بقا محمد بنگوار.پير بخش بنگوار.عبدالعزيز سومرو.غلام رسول ميراڻي.غلام ياسين اوڳاهي.نصير منگي.حضور بخش منگي.ممتاز سنڌي.امداد الله کوسو.عبدالغفار منگي.دلبر بنگوار.سليم ميراڻي.احمد مغل.عبدالطيف ميرالي.فخر نصيراڻي.عبدالخالق چاچڙ.عمران علي کوسو سميت ٻين صحافين جو چوڻ هو ته غلام ياسين لاشاري هميشه مظلوم ماڻهن جو سگهارو آواز هو هن هميشه پنهنجي قلمي پورهي سان ڪامورن کي مسئلن بابت نشاندهي ڪرائي انهن کي اجاگر ڪندو رهيو ۽ اهي مسئلا حل طلب رهيا صحافين جو چوڻ هو ته سينيئر صحافي غلام ياسين لاشاري پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ جو بهترين اثاثو هو جنهن جي فوت ٿيڻ سان پريس ڪلب سميت صحافتي حلقي ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جنهن جو ڀرجڻ ناممڪن آهي هنن جو چوڻ هو ته آخري دم تائين پنهنجي قلم سان سچو رهيو صحافي برادري جو چوڻ هو ته سينيئر صحافي غلام ياسين لاشاري کلڻو ملڻو شخصيت هو صحافين جو چوڻ هو ته سٿ جو ساٿي غلام ياسين لاشاري سڀني صحافين جي ڏک سک ۾ هميشه فرنٽ لائين تي موجود رهيو.جڏهن ته سينيئر صحافي غلام ياسين لاشاري لاڏاڻي بعد کين تڏي تي صحافي برادري سندن پوئنرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.