ڪنڌڪوٽ :جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ٿاڻي گھوڙا گھٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ علي نواز سبزوئي ۾ گهر اندر راڪيٽ لانچر جو گولو لڳڻ سبب 5 ٻارڙن ۽ ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته علائقي واسين ۽ زخمين ۾ قهرام مچي ويو. فوتين ۾ حنيفان، نياز احمد، اياز احمد، زبير، رخسانه، قربان، شهزادو شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 2 عورتون خديجه، شائستہ ۽ 3 ڄڻا شامل آهن، ايس ايس پي ڪشمور اي روحل کوسو چيو ته ٻارڙن کي زمين مان گوليون مليون هيون، جنهن کي هو گهر وٺي آيا آهن. جتي اهو ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا آهن، وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس پڻ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، اهڙي واقعي کانپوءِ سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فوتين جا لاش اڃا تائين پيل آهن. فوتين جا لاش سول اسپتال نه پهچايا ويا آهن.