ڪنڌڪوٽ دراني مھر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوھارين جو مقابلو پنج ڏينھن اغوا ٿي ويل صحافي عبدالغفار منگي جو پٽ نصيب اللّٰه منگي ۽ سؤٽ معشوق منگي کي بازياب ڪرائي ورتو

ڪنڌڪوٽ:دراني مھر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوھارين جو مقابلو پنج ڏينھن اغوا ٿي ويل صحافي عبدالغفار منگي جو پٽ نصيب اللّٰه منگي ۽ سؤٽ معشوق منگي کي بازياب ڪرائي ورتو آھي ايس ايس پي مير روھل خان کوسو جو پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ان وڌيڪ چيو ته ھڪ مھيني اندر 16مغوي بازياب ڪرائي ورتا آھن ھاڻي ضلعي اندر اغوا براء تعاون جو ھڪ به مغوي ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل ناھي جيڪي ھني ٽريپ يا ٻئي ڪنھن طريقي سان جيڪي اغوا ٿين پيا انھن لاء به ھڪ سيل قائم ڪيو آھي انشاالله جلد پوليس جون گاڏيون ۽ اي پي سي چين اوھان کي ڪچي م نظر ايندا ھاڻي ڌاڙيلن جا لاش ڪرينداسي جيڪڏھن ڪو ڌاڙيل ھٿيار ڦٽا ڪري پيش ٿيندا ته انھن کي رليف ڏينداسي