ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميرزاپور ۾ بجليءَ جي تار ڪٽڻ تان گولا ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميرزاپور ۾ بجليءَ جي تار ڪٽڻ تان گولا ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هڪ ٻئي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن جي نتيجي م 55 سالن پيرسن مير خان شيخ زخمي ٿي پيو جڏهن ته اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس نه پهتي وارثن فوري طور تي زخمي پيرس مير خان شيخ کي اسپتال کڻائي آندو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي پيرس مير خان شيخ جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو