ڪنڌڪوٽ ست سال اڳ ڳوٺ نصير خان ڀيو جو رهواسي ڇهين ڪلاس جو اسڪولي شاگرد نادر ڀيو جي خون سان انصاف نه ٿيڻ مقتول جي امڙ مسمات شهوران. رفيق ڀيو مقتو جي ڀاءُ وهاب ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ست سال اڳ ڳوٺ نصير خان ڀيو جو رهواسي ڇهين ڪلاس جو اسڪولي شاگرد نادر ڀيو جي خون سان انصاف نه ٿيڻ مقتول جي امڙ مسمات شهوران. رفيق ڀيو مقتو جي ڀاءُ وهاب ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته ست سال اڳ نينگر نادر ڀيو اسڪول ويو ته واپسي تي جوبدارن اصلاح ڀيو رضوان جهنگل ڀيو ۽ ٻين جوابدارن مبينا طور اغوا ڪري بد فيلي ڪرڻ بعد ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڳوٺ قياس خان ڀيو ۾ پولٽري فارم ڀر واري ممڻ پوري ڇڏيو هو هڪ هفتي بعد چچريل لاش هٿ آيو جنهن جو ڪيس دراني مهر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو قاتل ڌر پوليس ۽ وڪيلن کي ڳري رشوت ڏئي فريدي پيرسن کان خالي پنن تي آنگهوٽا هڻائي ڪورٽ سگوري ممڻ راضي نامو پيش ڪري ڇڏيو هو مسلسل احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ بعد رينجرس جي ونگ ڪمانڊر ۽ ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو پاران نوٽيس وٺي دراني مهر ٿاڻي جي پوليس کي جوبدارن جي گرفتاري جو حڪم نامو جاري ڪيو هو پر هن وقت تائين دراني مهر ٿاڻي جي پوليس جوبدارن کي سوگهو ناهي ڪري سگهي جيڪا اسان سان سراسر نا انصافي آهي مظاهرين وڌيڪ ايس ايس پي ڪشمور ڊي آئي جي لاڙڪاڻو توڙي آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي مقتول نادر ڀيو جي قاتلن کي گرفتار ڪري مقتول نادر ڀيو جي ڪيس ٻيهر کولي هلايو وڃي