ڪنڌڪوٽ :ست مهينا اڳ غوثپور پوليس پاران جڙتو مقابلو ڄاڻائي غوثپور شهر جي ٻن پورهيتن مير شيخ ۽ اسدالله شيخ کي مئن انڊس ھا۽ وي تي دودو کبڙ واري علائقي ۾ قتل ڪيو هو

ڪنڌڪوٽ: ست مهينا اڳ غوثپور پوليس پاران جڙتو مقابلو ڄاڻائي غوثپور شهر جي ٻن پورهيتن مير شيخ ۽ اسدالله شيخ کي مئن انڊس ھا۽ وي تي دودو کبڙ واري علائقي ۾ قتل ڪيو هو۔ مقتول اسد شيخ جي ڀاءُ عطا الله شيخ جي فرياد تي ڪورٽ سڳوري ۾ اھڙي جڙتو مقابلي خلاف درخواست داخل ڪئي ھئي جنھنجي انڪوائري ڊي ايس پي سي ٽي ڊي سي سکر عبدالقدوس ڪلوڙ ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي ھا۽ ڪورٽ ۾ پنھنجي پيش ڪيل رپورٽ ۾ مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏيئي ملوث ماڻھن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو۔ سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻي جي موڪليل رپورٽ تي اڄ فسٽ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ منظور خان ڌاريجو پاران ستن جوبدارن مان چئن جوابدارن جنھن ۾ غوثپور ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي. اهلڪار عبدالرشيد جکراڻي. ضياء الحق ۽ فياض جکراڻي خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ ڪڍي کين 26 تاريخ تي صبح جو ڪورٽ آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آھي